اسلام آباد – 27 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته فارن ايجنٽ ڪوڙو، مظلوم بڻجڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، 90 ڏينهن ۾ ڪرپشن ختم ڪرڻ، هڪ لک نوڪريون، 50 لک گهر ڏيڻ جي ڀڀڪين جو ڇا ٿيو؟ معيشت کي باهه لڳ??ئي، مهانگائي جي تباهي ڦهلائي ۽ اڄ معيشت جي ڳالهه ڪندي ڪجهه ته شرم اچڻ گهرجي، خوف توهانکي پنهنجي ڏوهن کان ٿي رهيو آهي، خ??ف ان وقت ٿيڻ گهرجي ها جڏهن قومي خزاني تي توهان ڌاڙو هڻي رهيا هئا، خ??ف ان وقت اچڻ گهرجي ها جڏهن توشه خانه ۽ سرڪاري عهدن جي لوٽ سيل لڳل هئي. عمران خان جي بيان تي پنهنجي ردع??ل ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته خ??ف ان وقت اچڻ گهرجي ها جڏهن بشريٰ ۽ فرح پنجاب ۽ ملڪ جو هر عهدو رشوت وٺي وڪرو ڪري رهيون هيون، توهان کي شوڪت خانم اسپتال جي 30 لک ڊالر نجي ڪاروبار ۾ لڳ??ئيندي خوف نه آيو، اهو ٻڌايو 2018ع ۾ ڊالر ڪيتري جو هو؟ اٽو کنڊ جي قيمت ڇا هئي؟ پيٽرول ۽ في يونٽ بجلي جي قيمت ڇا هئي؟ هن چيو ته فارن ايجنٽ پاڻ گهر ۾ لڪي ويٺل آهي ۽ ع??ام کي چوي ٿو ته گهرن ما?? نڪرو، فارن ايجنٽ کي خبر آهي ته گهر ما?? نڪتو ته ڪوڙ ڳالهائڻ جي ”آزادي“ ختم ٿي ويندي. هن چيو ته فارن ايجنٽ جو هر ڪوڙ بي نقاب ٿي چڪو آهي، معيشت جي قاتل ۽ ع??ام جي ڏوهاري کي گهر ما?? ڪڍي جيل موڪلڻ جو وقت اچي ويو آهي.