اسلام آباد -04 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو ??رد??ري چيو آهي ته اڄ يوم يڪجهتي ڪشمير جي موقعي تي پاڪستاني عوام پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي قربانين کي سلام پيش ڪري ٿو جنهن گذريل 75 سالن کان وڌيڪ عرصي کان وحشياڻي ڀارتي ڏاڍ ۽ ظمن کي منهن ڏنو آهي. يوم يڪجهتي ڪشمير جي حوالي سان پنهنجي هڪ بيان ۾ پرڏيهي وزير چيو ته 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان ڀارتي قابض فوج ڪشمي??ين تي ظلم ڪري رهي آهي ۽ کين سندن حقن کان محروم ڪري رکيو آهي، هن چ??و ته اڄ ڀارت جي غير قان??ني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير دنيا جي سڀ کان وڏي فوجي مقرري وارن علائقن مان هڪ آهي جتي 9 لک کان وڌيڪ قابض ڀارتي فوجي مقرر آهن. بلاول ڀٽو ??رد??ري چيو ته ڀارت 5 آگسٽ 2019ع جي پنهنجي غير قان??ني ۽ هڪطرفن قدمن سان والاريل ڄمون ڪشمير جي ماڻهن کي دٻائڻ جو نئون باب کولي ڇڏيو آهي، ڀارتي حڪمرانن چ??نڊ تڪن جي تازي حد بندي، غير ڪشمي??ين کي لکين ڊوميسائيل سرٽيفڪيٽس جاري ڪرڻ ۽ ووٽر لسٽن ۾ لکين غير ڪشمي??ين کي شامل ڪيو آهي جنهن جو مقصد ڪشمي??ين کي انهن جي پنهنجي سرزمين ۾ هڪ بي اختيار اقليت ۾ تبديل ڪرڻ آهي، هن چ??و ته ڪشميري مسلسل خوف جي حالت ۾ زندگي گذاري رهيا آهن ڇاڪاڻ ته ڀارتي فورسز طرفان گهيراءُ ۽ تلاشي جي ڪاررواين ۾ طاقت جو انڌاڌن?? استعمال ۽ عدالتن کان مٿانهين قتل جو سلسلو جاري آهي، سياسي ڪارڪنن ۽ انساني حقن جي محافظن کي پنهنجي ڳالهه مڃرائڻ، غير قان??ني حراستن، تشدد ۽ جائيدادن جي ضبطي کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، هن چ??و ته ڀارت کي پنهنجي غير قان??ني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جي پنهنجي سنگين خلاف ورزيون ختم ڪرڻيون پونديون. ڀارت آبادياتي ڍانچي ۾ تبديلين سميت 5 آگسٽ 2019ع جي هڪطرفي ۽ غير قان??ني قدمن کي واپس وٺي. هن چ??و ته ڀارت سخت قانونن کي ختم ڪري ۽ عدالت کان مٿانهين قتل جي معاملن ۾ گڏيل قومن جي طرفان ڏنل جاچ جي اجازت ڏي ۽ ڄمون ڪشمير تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن تي عملدرآمد ڪري. پرڏيهي وزير چيو ته مون پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن کي ياد ڏيارڻ چاهان ٿو ته جيستائين ڪشميري ڀارتي ظلمن جو شڪار آهن، پاڪستان ڪڏهن به سک سان نه ويهندو ۽ نه ئي خاموش تماشائي بڻجندو. ڄمون ڪشمير جو تڪرار پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو اهم جزو رهندو. بلاول ڀٽو ??رد??ري چيو ته اسان ڪشميري عوام جي ان وقت تائين اڻٽر اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکندا جيستائين ڪشمي??ين کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب خودمختياري واري حق حاصل نٿو ٿئي.