انقره – 17 – فيبروري (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف ترڪيه جي زلزلي سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ شهر آديامان جو دورو ڪيو آديامان پهچڻ ??ي و??ير??عظم جو واپار واري وزير مهمت موش، ٽرانسپورٽ ۽ انفراسٽرڪچر واري وزير عادل ڪريس ميلو اوغلو، آديامان جي گورنر ۽ ٻين اعليٰ عهديدارن استقبال ڪيو. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ترڪ پارليامينٽ ۾ پاڪستان – ترڪي فرينڊشپ گروپ جي چيئرپرسن علي ساهين و??ير??عظم سان گڏ انقره ۾ آديامان پهتا. و??ير??عظم سرديءَ جي موسم جي خيمن جي امدادي کيپ ترڪ عملدارن جي حوالي ڪئي جيڪا پاڪستان مان سي 130 جهاز ذريعي پهتي. تقريب کانپوءِ ترڪ ڊيزاسٽر ريليف اٿارٽي (اي ايف اي ڊي) پاران جاري بچاءُ ۽ امدادي سرگرمين بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ان موقعي ??ي و??ير??عظم چيو ته سمورين رڪاوٽن تي ضابطو آڻڻ ۽ سمورن چئلينجن کي شڪست ڏيڻ جي روايتي ترڪ جذبي سان ترڪ قوم ان قدرتي آفتن مان اڳ کان وڌيڪ مضبوط نڪرندي. هن چيو ته ترڪيه سدائين پاڪستان کي پاڻ سان گڏ ??سن??و. بعد ۾ و??ير??عظم آديامان شهر جي زلزلي متاثر مختلف حصن جو دورو ڪيو ۽ پاڪستاني سرچ اينڊ ريسڪيو ٽيمن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي جيڪي علائقي ۾ سرچ ۽ بچاءُ جي ڪاررواين ۾ مصروف آهن. و??ير??عظم انهن جي جذبي ۽ پيشيواراڻي مهارت کي ساراهيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان ريسڪيو، ريليف ۽ بحالي جي ڪوششن ۾ فعال ڪردار ادا ڪندو رهندو. ان موقعي ??ي و??ير??عظم زلزلي متاثرين سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي جن ترڪيه جي لاءِ پاڪستان جي مضبوط ۽ پرعزم حمايت سان گڏوگڏ پاڪستاني ريسڪيو ٽيمن پاران جانيون بچائڻ ۾ موثر ڪردار ادا ڪرڻ تي انهن جا ٿورا مڃيا.