اسلام آباد – 28 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اميد ظاهر ڪئي آهي ته ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) معاشي ??ئل??نجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان سان پنهنجي مضبوط حصيداري جاري رکندي، آءِ ايم ايف پروگرام تحت 9 هون جائزو ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ مڪمل ٿيڻ جي اميد آهي، پاڪستان پروگرام ۾ طئي ٿيل سڌارن کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. اهڙن خيا??ن جو اظهار هن چين، جاپان ۽ ڏکڻ ڪوريا جي ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽرز جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. اي ڊي بي جي وفد جي آجيان ڪندي وزيراعظم پاڪستان سان اي ڊي بي جي پراڻي وابستگي ۽ پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ هڪ قابل اعتماد حصيدار هجڻ تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم 2022ع جي ٻوڏ جي ڏس ۾ اي ڊي بي جي فراخداڻي مدد کي ساراهيو، ان ۾ هنگامي امدادي گرانت، آفتن کانپوءِ جي ضرورتن جو اندازو ۽ جنيوا ۾ ڪلائميٽ ريزيليئنس ڪانفرنس دوران ڪيل واعدا شامل هئا. وزيراعظم پاڪستان جي اهم اقتصادي شعبن خاص طور تي ٽرانسپورٽ، توانائي، موسمياتي تبديلي ۽ سماجي شعبي ۾ اي ڊي بي جي سيڙپڪاري کي ساراهيو. هن اميد ظاهر ڪئي ته اي ڊي بي ملڪ جي معاشي ??ئل??نجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان سان پنهنجي مضبوط حصيداري جاري رکندي. وفد کي ٻڌايو ويو ته آءِ ايم ايف پروگرام تحت نائُون جائزو ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ مڪمل ٿيڻ جي اميد آهي جيڪو عملي جي سطح جي معاهدي سان اڳتي وڌي رهيو آهي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان پروگرام ۾ طئي ٿيل سڌارن کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي وفد تازي ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي جي وڏي ??ئل??نجن کي منهن ڏيڻ ۾ حڪومت جي ڪوششن تي پنهنجي گهري اطمينان جو اظهار ڪيو. هن پاڪستان جي اقتصادي ??ئل??نجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اي ڊي بي سان گڏجي ڪم جاري رکڻ جي عزم جي تجديد ڪئي. ملاقات ۾ اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير سردار اياز صادق ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا.