اسلام آباد – 28 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب عدالت جي ٻاهر صحافين سان پوليس جي بدسلوڪي جي شديد مذمت ڪندي وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ کي وا??عي جو سختي سان نوٽيس وٺڻ جي درخو??ست ڪئي آه??. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ ۽ پوليس جو صحافين تي تشدد انتهائي مذمت جوڳو آه??، صحافين سان معذرت ڪريان ٿي، گهرو وزير راڻا ثناءُ الله سان معاملي تي ڳالهه ڪئي آه??، گهرو وزير کي درخو??ست ڪئي آه?? ته صحافين سان ان وا??عي تي معذرت ڪئي وڃي. هن چيو ته گهرو وزير ڪارروائي ڪري ته پوليس تماشائي ڇو بڻيل رهي؟ حملي آورن جا هٿ روڪڻ بدران ميڊيا کي نشانو بڻائيندڙن جو تعين ڪيو وڃي. هن چيو ته گيٽ پي ٽي آءِ جا فسادي ٽوڙين ۽ ڏنڊا بيگناهه صحافي کائين، ائين نه هلندو. هن چيو ته پيشيواراڻيون ذميواريون سرانجام ڏيندڙ صحافين تي تشدد افسوس جوڳو ۽ ناقابل قبول آه??. صحافي هر طرح جي سخت ۽ مشڪل حالتن ۾ عوام کي آگاهه ڪرڻ جي لاءِ قابل قدر ڪم ڪن ٿا، صحافين جو احترام ۽ انهن کي فرض سرانجام ڏيڻ ۾ سهولت فراهم ڪرڻ پوليس جي ذميواري آه??.