اسلام آباد – 17 – مارچ (اي ??ي ??ي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ مستحق ماڻهن جي لاءِ اٽي جو تحفل ڏنو پيو وڃي، ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو غريب عوام جي لاءِ رمضان ۾ مفت اٽي جي فراهمي جو پئڪيج تيار ڪيو ويو آهي، مستحق ماڻهن کي فراهم ڪيو ويندڙ اٽي جي تحفي جي معيار تي ڪنهن به قس?? جي ڪوت??هي برداشت نه ڪئي ويندي، حڪومت غريب ۽ وچولي طبقي کي ريليف ڏيڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي. وز??را??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??را??ظم جي صدارت ۾ رمضان المبارڪ دوران مستحق ماڻهن کي ريليف ۽ اٽي جي تحفي جي فراهمي جي حوالي سان هڪ اهم جائزه اجلاس ٿيو. وز??را??ظم اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي چيو ته پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ مستحق ماڻهن جي لاءِ اٽي جو تحفو ڏنو پيو وڃي. هن چيو ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو غريب عوام جي لاءِ رمضان ۾ مفت اٽي جي فراهمي جو پئڪيج تيار ڪيو ويو آهي. وز??را??ظم تاڪيد ڪئي ته مستحق ماڻهن کي فراهمي ڪيو ويندڙ اٽي جي تحفي جي معيار تي ڪنهن به قس?? جي ڪوت??هي برداشت نه ڪئي ويندي. هن چيو ته حڪومت غريب ۽ وچولي طبقي کي ريليف ڏيڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته رمضان ۾ سڄي پنجاب جي هڪ ڪروڙ 58 لک خاندانن کي مفت اٽو ورهايو ويندو جڏهن ته خيبرپختونخواهه ۾ به رمضان دوران مستحق خاندانن کي اٽي جو تحفو ڏنو ويندو. مستحق ماڻهو بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي نمبر 8171 تي پنهنجو سڃاڻپ ڪارڊ ايس ايم ايس ڪري اٽي جي تحفي جي لاءِ پنهنجي اهليت جانچي سگهن ٿا. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته بلوچستان ۾ 50 رمضان هازارن تان اٽو سستي اگهن تي دستياب هوندو. اجلاس ۾ وز??را??ظم جي صلاحڪار احد چيما، پنجاب جي نگران وڏي وزير سيد محسن نقوي، پنجاب خيبرپختونخواهه، بلوچستان جي چيف سيڪريٽريز ۽ يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر شرڪت ڪئي.