اسلام آباد – 13 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي هواوي جي عالمي آءِ سي ٽي جي مقابلي ۾ پهريون انعام ماڻيندڙ ٿرپارڪر سان تعلق رکندڙ ڀاڳچند ميگهواڙ کي مبارڪباد ڏني آهي.صدر هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته ڀاڳچند ميگهواڙ پاڪستاني نوجوانن جي لاءِ هڪ مثال آهي، هو منهنجي ان راءِ جي توثيق ??ري ٿو ته آءِ ٽي پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۽ نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ جي تيز ترين آسان ترين ۽ مخ??صر ترين رستو آهي. هن چيو ته ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته پاڪستاني نوجوانن کي جيڪڏهن موقعو ۽ رهنمائي ڏني وڃي ته هو ڪمال ??ري سگهن ٿا. صدر چيو ته اسان کي آءِ ٽي ۽ پنهنجي نوجوانن جي ف??ري ترقي تي وڌيڪ سيڙپڪاري ڪرڻ جي ضرورت آهي. شاباش ڀاڳچند ميگهواڙ!