اسلام آباد – 16 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ??يو آهي ته نوجوانن کي عالمي معيار جي اعليٰ تعليم فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، حڪومت انهن کي هڪ جهڙي ترقي جا موقعا فراهم ڪري رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان عالمي تعليم ۽ تدريس، يونيورسٽي آف لنڊن جي پرووائيس چانسلر پروفيسر ميري س??ياسني ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ هائير ايجوڪ??شن ڪم??شن پاڪستان جو چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر مختار احمد ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ شريڪ هئا. ملاقات ۾ پروفيسر ميري س??ياسني يونيورسٽي آف لنڊن جي پاڪستان ۾ اعليٰ تعليم جي فروغ لا??ِ قدمن تي روشني وڌي. وزيراعظم يونيورسٽي آف لنڊن جي انهن قدمن کي س??راهيو. ان موقعي تي وزيراعظم چ??و ته پاڪستان جي نوجوانن کي عالمي معيار جي اعليٰ تعليم فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. حڪومت ملڪ جي نوجوانن کي هڪ جهڙي ترقي جا موقعا فراهم ڪري رهي آهي. هن چ??و ته حڪومت يونيورسٽين ۾ باصلاحيت نوجوانن کي ليپ ٽاپ فراهم ڪري انهن کي جديد ٽيڪنالاجي س??ن هم آهنگ ڪري رهي آهي. پروفيسر ميري س??ياسني جي پاڪستان ۾ اعليٰ تعليم جي فروغ لاءِ خدمتون ساراهه جوڳيون آهن.