اسلام آباد – 27 مارچ (اي پي پي) پاڪستان ڊنمارڪ ۾ قران پاڪ جي بي حرمتي جي هڪ مڪروه فعل جي شديد مذم?? ڪندي چيو آهي، ته اهڙي ڄاڻي واڻي گهٽيا حرڪت مسلمانن ۽ انهن جي عقيدي خلاف وڌندڙ نفرت، نسل پرستي ۽ فوبيا جو هڪ پريشان ڪندڙ مظهر آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طرفان جاري ب??ان مطابق اهڙي ريت جي سوچيل سمجهيل ڪارروائين جو با?? با?? ٿيل قانوني فريم ورڪ جي افاديت تي سواليه نشان آهي جنهن جي پٺ??ان اسلامو فوبيا ۾ ملوث ماڻهو لڪيل منافقت کي هوا ڏين ٿا، ب??ان ۾ چيو ويو آهي، ته اظهار جي آزادي جي حق کي ڪنهن به مذهب جي مقدس ڪتابن يا شخصيتن جي ڄاڻي واڻي توهين ڪرڻ لاءِ استعمال نٿو ڪري سگهجي. ترجمان چيو ته اسان سمورن رياستن کان مطالبو ڪيون ٿا ته هو انساني حقن جي عالمي قانون ۾ داخل ذميوارين ۽ فرضن مطابق اهڙين ڪارروائين جي روڪٿام لاءِ قانوني رڪاوٽون پيدا ڪري. ب??ان ۾ چيو ويو ته اسان انساني حقن جي عالمي مشينري کان مطالبو ڪيون ٿا ته هو اهڙن قدمن خلاف آواز اٿارين جيڪي صرف عقيدي جي بنياد تي مسلمانن خلاف نفرت، اڻبرابري واري سلوڪ ۽ تشدد کي هوا ڏين ٿا.