اسلام آباد – 13– اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پا??ست??ن ۾ گڏيل عرب امارات (يو اي اي) جي سفير حماد عبيد ابراهيم سالم الزابي ملاقات ڪئي ۽ وزيراعظم کي گڏيل عرب امارات جي قيادت پاران ڪوپ 28 ۾ شرڪت جو دعوتنامو پهچايو، جيڪا 30 نومبر کان 12 ڊسمبر 2023ع تائين دبئي ۾ ٿيندي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم دعوت تي گڏيل عرب امارات جي قيادت جا ٿورا مڃيا. هن گذريل سال پا??ست??ن ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کانپوءِ امدادي سرگرمين ۾ اماراتي قيادت جي تعاون تي پڻ ٿورا مڃيا. وزيراعظم موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ ۾ گڏيل عرب امارات جي ڪردار کي ساراهيو ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته يو اي اي جي ڪوپ 28 جي قيادت سان پا??ست??ن جهڙن ملڪن جيڪي موسمياتي تبديلين سان سڀ کان وڌيڪ خ??ري جو شڪار آهن، جي لاءِ بامعنيٰ نتيجا نڪرندا. هن سال جنوري ۾ گڏيل عرب امارات جي صدر جي پا??ست??ن جي ڪامياب دوري جو ذڪر ڪندي وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڀائراڻن لا??اپ?? کي گڏيل طور تي فائديمند اقتصادي لا??اپ?? ۾ تبديل ڪرڻ ٻنهي ملڪن جي قيادت جو گڏيل عزم آهي. وزيراعظم چيو ته گڏيل عرب امارات 17 لک پا??ست??نين جو گهر آهي جيڪي ٻنهي ڀائر ملڪن جي ترقي، خوشحالي ۽ معاشي ترقي ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.