اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته آبادگارن کي في ايڪڙ لاڳت گهٽ ڪرڻ جي ??اءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي، ملڪ ۾ يوريا جي ????ت سر پيداوار ۽ ان جي آبادگارن تائين پهچ يقيني بڻائي وڃي، يوريا اسمگلنگ سان ڪنهن کي آبادگارن جي حق تي ڌاڙو هڻڻ نه ڏيندس، نيلم جهلم منصوبي جي بحالي تي ڪم جي رفتار وڌيڪ تيز ڪئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ يوريا ڀاڻ جي ??يداوار ۽ کپت ۽ گرمي جي ??وسم ۾ بجلي جي ??وڊشيڊنگ جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، وفاقي وزيرن طارق بشير چيما، مخدوم سيد مرتضيٰ محمود، خرم دستگير خان، مملڪتي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، وزيراعظم جي صلاحڪار احد خان چيما، خاص م??اونين جهانزيب خان، طارق باجوه ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ملڪ ۾ يوريا ڀاڻ جي ??يداوار ۽ کپت جي انگن اکرن سان گڏوگڏ يوريا صنعت کي گئس جي ??راهمي جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم چيو ته گذريل هڪ سال ۾ حڪومت آبادگارن جي خوشحالي ۽ زراعت جي شعبي جي ترقي کي پنهنجي اولين ترجيح بڻائي آهي، يوريا ڀاڻ جي طلب ۽ پهچ جي سخت ن??راني ڪئي وڃي. هن هدايت ڪئي ته يوريا جي ??يداوار ۽ ان جي کپت کي نظر ۾ رکندي صنعتن کي گئس جي ??راهمي ۽ بفر اسٽاڪس جي ??ڪ جامع حڪمت عملي پيش ڪئي وڃي، ملڪ ۾ يوريا جي ????ت سر پيداوار ۽ ان جي آبادگارن تائين پهچ يقيني بڻائي وڃي، يوريا اسمگلنگ سان ڪنهن کي آبادگارن جي حق تي ڌاڙو هڻڻ نه ڏيندس. اجلاس کي گرمي جي ??وسم ۾ بجلي جي ??يداوار ۽ متوقع طلب جي حوالي سان پڻ تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. ان کانسواءِ اجلاس کي نيلم جهلم منصوبي جي بحالي بابت پڻ بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته منصوبي جي بحالي جو ڪم مڪمل ڪري هلندڙ سال جولاءِ ۾ ان کان گهٽ لاڳت بجلي جي ??يداوار ٻيهر شروع ڪئي ويندي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته نيلم جهلم منصوبي جي بحالي تي ڪم جي رفتار وڌيڪ تيز ڪئي وڃي ۽ گرمي جي ??وسم ۾ بجلي جي ??وڊشيڊن?? گهٽ کان گهٽ رکي وڃي.