اسلام آباد – 01 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پورهيتن جي حقن کي پورو ڪرڻ ۽ ماڻهن کي نظام ۾ حصيدار بڻائڻ عالمي معيشت جي لاءِ هڪ ب??يا??ي چئلينج آهي. پورهيتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته اڄ جتي اسان پورهيت طبقي کي زبردست خراج تحسين پيش ڪريون ٿا ۽ انهن جي حصيداري جو جشن ملهايون ٿ?? ته اتي حقيق?? اها آهي ته عالمي منڊين ۾ لاهن چارهن پورهيتن جي معاشي مشڪلاتن ۾ تمام گهڻو اضافو ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته جنسن جي قيمتن ۾ اضافي جي ڪري پورهيت ماڻهو پاڻ کي شديد دٻاءُ ۾ محسوس ڪن ٿا. هن چيو ته ترقي جي هي عمارت جيڪا محنت جي ب??يا?? تي بيهاري آهي جيڪڏهن ان جي تعمير ۾ ب??يا??ي ڪردار ادا ڪندڙن کي ان جي ثمرن کان محروم رکيو وڃي ته اها ڀڃ ڊاهه جو شڪار ٿي ويندي. وزيراعظم چيو ته پورهيتن جي حقن کي پورو ڪرڻ ۽ ماڻهن کي نظام ۾ حصيدار بڻائڻ عالمي معيشت جي لاءِ هڪ ب??يا??ي چئلينج آهي.