پشاو?? – 25 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي پشاور پهچي ويو. خيبرپختونخواهه جي گورنر حاجي غلام علي وزيراعظم جو استقبال ڪيو. ا??جن??ئر امير مقام پڻ ان موقعي تي موجود هو. وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار، منصوبابندي ??ارو وفاقي وزير احسن اقبال ۽ ٻيا وزيراعظم سان گڏ آهن. وزيراعظم ريڊيو پاڪستان پشاور جو دورو ڪندو جنهن جي عمارت تي 9 مئي 2023ع تي حملو ڪيو ويو هو. وزيراعظم کي ريڊيو پاڪستان جي عمارت، رڪارڊ ۽ نشريات کي پهچندڙ نقصان ۽ بحالي جي ڪمن تي بريفنگ ڏني ويندي. وزيراعظم گورنر هائوس پڻ ويندو جتي کيس امن امان جي حوالي سان بريفنگ ڏني ويندي. خيبرپختونخواهه جي سياسي قيادت پڻ وزيراعظم سان مل??قات ڪندي.