لاهور – 05 – جون (اي پ?? پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آه?? ته پاڪستان پلاسٽڪ جي آلودگي جي مسئلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پلاسٽڪ جي مرحليوار خاتمي جي لاءِ پرعزم آه??، ايندڙ نسلن جي لاءِ صاف سٿرو ماحول فراهم ڪرڻ اس??ن جي بنيادي ذميواري آه??. ماحوليات جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پ??هنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان پلاسٽڪ جي آلودگي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پلاسٽڪ جي هڪ ڀيرو اس??عمال کانپوءِ ان جي خاتمي لاءِ عالمي برادري جي ڪوششن ۾ شامل ٿيڻ جي حوالي سان پنهنجي عزم جي تجديد ڪري ٿو. حڪومت پلاسٽڪ جي آلودگي جي خاتمي لاءِ قانوني طريقيڪار جوڙڻ جي حوالي سان قومي ۽ عالمي ڌرين سان فعال طور تي ڪم ڪري رهي آه??. هن چيو ته خوشي جي ڳالهه آه?? ??ه اسلام آباد ۾ پلاسٽڪ جي اس??عمال جي منع بابت 2023ع جي ريگيوليشن تي ڪم ڪيو پيو وڃي ۽ ان ضابطي تحت ٺوس فريم ورڪ ۾ پلاسٽڪ جي اس??عمال کي مرحليوار ختم ڪرڻ جي لاءِ مدي جو تعين ڪيو ويندو. هن چيو ??ه اڄ جي ڏينهن معاشري جا سمورا طبقا حياتياتي تنوع جي تحفظ جي لاءِ گڏ ٿين ۽ ري سائيڪلنگ جي قدمن کي ڪامياب بڻائڻ جي لاءِ شعور اجاگر ڪن. هن چيو ??ه ايندڙ نسلن جي لاءِ صاف سٿرو ماحول فراهم ڪرڻ اس??ن جي بنيادي ذميواري آه??.