بغداد – 05 – جون (اي پي پي) پرڏيهي وزيربلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سندس ??را?? جي دوري سان پاڪستان ۽ ??را?? جي وچ ۾ گڏيل تعاون ۾ وڌيڪ اضافو ٿ??ندو، ٻنهي ملڪن سدائين مشڪل ۾ هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ??را?? جي ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري جي موقعي تي بغداد ۾ ??را??ي هم منصب ڊاڪٽر فواد حسين سان گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ??را?? جو دورو ڪري تمام گهڻي خوشي ٿي آهي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان مان زائرين جو هڪ وڏو انگ هر سال ??را?? اچي ٿو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ??را?? جي صدر ڊاڪٽر عبداللطيف رشيد سان پڻ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ??را?? جي وچ ۾ موجوده لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ ??را??ي صدر گڏيل تعاون جي سمورن شعبن ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ان موقعي تي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ ??را?? جي وچ ۾ احترام ۽ روايتن تي ٻڌل گهرا ڀائراڻا ويجها لاڳاپا آهن. بلاول ڀٽو زرداري ??را??ي وزيراعظم محمد شياع السوداني سان ملاقات دوران پاڪستان پاران ??را???? عوام ۽ حڪومت جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. پرڏيهي وزير ملاقات ۾ پاڪستان پاران ??را?? سان مختلف شعبن ۾ تعاون جي لاءِ عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن ??را??ي وزيراعظم سان ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پڻ عزم جو اظهار ڪيو. ان کان اڳ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري بغداد ۾ ??را??ي پرڏيهي وزي ڊاڪٽر فواد حسين سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ملاقات دوران چيو ته پاڪستان ۽ ??را?? جي وچ ۾ گهرا دوستاڻا ۽ ڀائراڻا لاڳاپا قائم آهن. ٻنهي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ??را?? جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن سميت تعاون جي مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ??را?? جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي ??را?? جي سرڪاري دوري جي موقعي تي پاڪستان ۽ ??را?? جي وچ ۾ مفاهمت جي ٻن ياداشتن تي صحيحون پڻ ڪيون ويون. ٻنهي ملڪن ثقافتي تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪيون. ان کانسواءِ سفارتي ۽ سرڪاري پاسپورٽ تي ويزا جي خاتمي لاءِ پڻ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪيون ويون. وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه دوران ٻنهي پرڏيهي وزيرن تعاون جي مختلف شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. ان کان اڳ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جو ??را?? جي ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي بغداد پهچڻ تي ??را??ي پرڏيهي وزير سميت ٻين ??را??ي عملدارن، بغداد ۾ پاڪستان جي سفير احمد امجد علي ۽ سفارتخاني جي سينيئر آفيسرن ايئرپورٽ تي شاندار استقبال ڪيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري کي دوري جي دعوت ??را?? جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ڊاڪٽر فواد حسين ڏني آهي.