اسلام آباد – 20 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ملڪي معيشت ۾ ب??تر?? ۽ استحڪام جي صورتحال تي اطمينان جو اظهار ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته معيشت جي ب??تر?? جا ثمر عام ماڻهو تائين جلد کان جلد پهچڻ گهرجن. هو هتي ملڪي معيشت جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو، وفاقي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي، مخدوم خسرو بختيار، محمد حماد اظهر، ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبد??لح??يظ شيخ، ڊاڪٽر عشرت حسين ۽ خاص معاون ڊاڪٽر وقار مسعود اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب اجلاس ۾ ملڪي معيشت جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، وزيراعظم عمران خان معاشي نظم ۽ ضبط ۽ ملڪي قرضن جي بهتر انتظام جي حوالي سان معاسي ??يم جي ڪوششن کي ساراهيو.