اسلام آباد – 19 – ڊسمبر (اي پي پي) ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير علي امين گنڊا پور ايل او سي تي ڀارتي جارحيت ۽ هروڀرو جي فائرنگ جي م??مت ڪندي چيو آهي ته گڏيل ق??من جي م??صرين کي نشانو بڻائڻ ڀارتي سفاڪيت ۽ پاگل پڻي جي انتها آهي، ڀارت ايل او سي تي جنگ بندي م??اهدي جي م??لسل خلاف ورزي ڪري رهيو آهي، هتي جاري بيان موجب علي امين گنڊا پور چيو ته ڀارت پاران ايل او سي تي سول آبادي کي نشانو بڻائڻ معمول بڻجي چڪو آهي، ايل او سي تي م??دود قسم جي فوجي ڪارروائي ڀارت جي خام خيالي آهي، علي امين گنڊاپور چيو ته ڀارت پاران ڪنهن به اشتعال انگيز ڪارروائي جو منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين، گڏيل ق??من جي م??صرين کي نشانو بڻائڻ جي ڪارروائي سان ڀارتي انتهاپسندي جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.