اسلام آباد – 24 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته گلگت بلتستان جي خوبصورتي قابل ديد آهي، علائقي ۾ امن قائم ٿيڻ جي ڪري گذريل سال 20 لک قومي ۽ عالمي سياحن علائقي جو رخ ڪيو. نلتر ۾ ونٽر اسپورٽس فيڊريشن آف پاڪستان ۽ پاڪ فضائيه جي حصيداري سان جاري ونٽر اسپورٽس جي مقابلن جي پڄاڻي واري تقريب کي خاص مهمان جي ح??ثي?? سان خطاب ??ندي هن چيو ته گلگت ايئرپورٽ تي انٽرنيشنل ??ڏامون شروع ڪرڻ، علائقي ۾ رستن جي صورتحال بهتر بڻائڻ، ٽيلي مواصلات ۽ انٽرنيٽ جي نظام کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ قدمن جو سلسلو جاري آهي.