اسلام آباد – 15 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ريلوي جهڙي قومي اداري کي خساري مان ڪڍڻ جي لاءِ بنا رڪاوٽ سڌاراجا??ي عمل ضروري آهي، بهتر ريلوي نظام سان نه رڳو عوام کي اچ وڃ جي بهتر سهولت ملندي پر ٽر??فڪ جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۽ معاشي بهتري ۾ پڻ مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ريلويز ۾ جاري سڌاراجا??ي عمل، ڪراچي سرڪلر ريلوي منصوبي ۾ اڳڀرائي ۽ پرائم منسٽري ريلوي گرين انيشيئيٽو جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ??ندي ڪيو. اجلاس ۾ ريلوي واري وفاقي وزير محمد اعظم خان سواتي، منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر، اداراجاتي سڌارن واري صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين، وفاقي سيڪريٽرين ۽ سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ڪراچي شهر جي مسئلن جي حل جي حوالي سان ٻڌايو ويو ته لاهور ڪراچي ريلوي ٽر??ڪ جي متوازي مال بردار گاڏين جي لاءِ هڪ مخصوص فريٽ ڪوريڊور ٺاهڻ جو منصوبو غور هيٺ آهي، جنهن ذريعي پپري کي ڪراچي پورٽ ٽرسٽ سان ڳنڍيو ويندو، ان ڪوريڊور جي نتيجي ۾ مال برداري ۾ آساني ۽ شهر ۾ ٽر??فڪ جي مسئلن ۾ گهٽتائي ٿيندي. ڪراچي سرڪلر ريلوي منصوبي جي حوالي سان ٻڌايو ويو ته ان حوالي سان پاڪستان ريلوي بي او ٽي بنيادن تي ماڊل تيار ڪيو آهي جنهن ذريعي مسافرن کي بهتر سروس جي فراهمي کي يقيني بڻائي سگهبو. منصوبي جي ٽيڪنيڪل ڊي??ائن ۽ فنانشل ماڊل جي تياري جي حوالي سان ڪنسلٽنٽ مقرر ڪيو ويو آهي. جيڪو 30 ڏينهن ۾ پنهنجون تجويزون پيش ڪندو. ريلوي سڌارن جي حوالي سان ٻڌايو ويو ته پاڪستان ريلويز جي نقصانن ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ اداري کي ٻڏڻ کان بچائڻ جي حوالي سان تفصيلي سڌاراجاتي پروگرام تي ڪم جاري آهي.