اسلام آباد-17 مارچ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير شيخ رش??د احمد چيو آهي ته پاڪستان لاءِ ڪويتي ويزا جلد کُلڻ وڃي رهيو آهي، نواز شريف جو پاسپورٽ شارٽ نوٽيس تي تيار ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، نواز شريف ان پاسپورٽ تي صرف پاڪستان اچي سگهندو، پي ڊي ايم مارچ ملتوي ڪري سٺو فيصلو ڪيو آهي. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي شيخ رش??د احمد چيو ته مان ق??ر ويو هئس جتي انهن سان سٺي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، پاڪستاني قوم لاءِ خوشخبري آهي جو پاڪستانين لاءِ 2011ع کان ڪويت ويزا بند ه??ا جيڪي هاڻ جلد کوليا ويندا.