اسلام آباد – 26 – مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ۽ وقتي اسپيڪر قاسم خان سوري آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽي جي نئين چونڊيل صدر سرمد علي ۽ سوسائٽي جي ٻين عهديدارن کي مب??رڪباد پيش ڪئي آهي. جمعي ڏينهن پنهنجي ڌار ڌار مب??رڪباد وارن پيغامن ۾ هنن نئين چونڊيل صدر سرمد علي، سينئر نائب صدر جميل اطهر، نائب صدر شهاب زبيري، سيڪريٽري جنرل نظافرين سهگل لاکاڻي، جوائنٽ سيڪريٽري محسن بلال، فنانس سيڪريٽري اويس خوشنود ۽ ٻين چ??نڊيل عهديدارن کي ڪاميابي تي مب??رڪباد ڏني آهي. هنن چ??و ته انهن جي چونڊ انهن جي قائداڻي صلاحيتن تي صحافي برادري جي اعتماد جو ثبوت آهي. اسپيڪر ۽ وقتي اسپيڪر جو چوڻ هو ته ملڪ ۾ ج??هو??يت جي استحڪام جي لاءِ اظهار راءِ جي آزادي ضروري آهي. هنن ان اميد جو اظهار ڪيو ته اي پي اين ايس جي نئين چونڊيل قيادت ملڪ ۾ ج??هو??يت جي استحڪام ۽ هڪ فلاحي ۽ راودار معاشري جي فروغ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي.