اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان جي ڪورونا ويڪسين بابت غلط بياني افسوسناڪ آهي، عوام کي گمراهه ڪرڻ مولانا فضل الرحمان کي سونهين نه ٿو?? سياسي اڳواڻ اختلافن کي هڪ پاسي رکندي ماڻهن جي رهنمائي ڪن، ڪورونا هڪ حقيقت آهي جنهن کان بچڻ جي لاءِ ايس او پيز تي عم??در??مد يقيني بڻائڻو پوندو، اهو چوڻ ته وزيراعظم کي ڪورونا ويڪسين کانپوءِ ڪورونا ٿيو صحيح نه آهي، اسان سڀ وزيراعظم ۽ خاتون اول جي صحتيابي لاءِ دعاگو آهيون، ڪورونا ڪنهن ۾ به فرق نه ٿو ڪري نه ئي ڪا رعايت، گذريل 8 مهينن ۾ ڪورونا متاثرين جي شرح سڀ کان وڌيڪ آهي، خطي جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ ملڪي معاشي ڪارڪردگي بهتر رهي، چاهيون ٿا ته ڪورونا جي موجوده لهر ۾ ماڻهن جو روزگار ۽ زندگيون محفوظ هجن، ڪورونا جي موجوده لهر ۾ ويڪسين جي دستيابي خوش آئنده آهي، ڪورونا جي خاتمي لاءِ نظم ۽ ضبط سان حڪمت عملي تي عم??در??مد ڪيو پيو وڃي، پي ڊي ايم ماضي جو قصو بڻ??ي چڪي آهي، مخالف ڌر جي تحريڪ ان لاءِ ناڪام ٿي ڇو ته ان ۾ عوام جي لاءِ ڪجهه نه هو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس ڪانفرنس کي ??طا?? ڪندي ڪيو.