اسلام آباد – 02 اپريل (اي پي پي) خا??م حرمين ش??يفين ش??هه سلمان بن ??بد??لعزيز صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي ڪووڊ – 19 مان جلد ??حتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. صدر جي نالي پنهنجي هڪ پيغام ۾ سعودي فرمانروا شاهه سلمان بن ??بد??لعزيز چيو آهي ته اسان کي توهان جي ڪورونا وائرس سبب متاثر ٿيڻ جو اطلاع مليو آهي، اسان توهان جي سدائين بهتر صحت، خوشي ۽ جلد ??حتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪريون ٿا. واضح رهي ته صدر عارف علوي جو 29 مارچ تي ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيو هو. ان کان اڳ سعودي عرب جي فرمانروا شاهه سلمان بن ??بد??لعزيز ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان وزيراعظم عمران خان جي ڪورونا ٽيسٽ مثبت اچڻ تي کيس به بهتر صحت ۽ جلد ??حتيابي لاءِ نيڪ تنمائن جو پيغام موڪليو هو