اسلام آباد – 07 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ انشورنس انڊسٽري جي فروغ جي لاءِ مناسب مارڪيٽنگ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته عوام جي اعتماد جي لاءِ انشورنس ج?? شرطن بابت اڳواٽ وضاحت س??ن گڏوگڏ مڪمل آ??اهي جي لاءِ پڻ قدم کنيا وڃن، اسان دهشتگردي جهڙن مسئلن تي ضابطو آڻي ورتو آهي، هاڻي قومي تعمير جي ع??ل مان گذري رهيا آهيون، سڀ گڏجي ڪم ڪنداسين ته هڪ سٺو ۽ خوبصورت پاڪستان اڳتي وڌندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن انشورنس انڊسٽري جي اقتصادي واڌويجهه ۽ محتسب جي ڪردار جي موضوع تي سيمينار کي خاص مهمان جي حيثيت س??ن خطاب ڪندي ڪيو.