اسلام آباد – 16 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خا?? چيو آهي ته عام ماڻهو کي رليف جي فراهمي م??جوده حڪومت جي واحد ترجيح آهي، مشڪل معاشي حالتن جي باوجود عوام کي وڌ کان وڌ رليف فراه?? ڪيو وڃي، سموريون لاڳاپيل وزارتون ٻن ڏينهن اندر عوام کي رليف جي فراهمي لاءِ کنيل قدمن جي حوالي سان تفصيلي رپورٽ پيش ڪن، ڀاڻ جي قيمتن ۾ 400 روپين تائين لاٿ آڻڻ لاءِ قدمن ۽ بي آءِ ايس پي تحت ماهوار وظيفي ۾ اضافي جي تجويز کي جلد حتمي شڪل ڏني وڃي، اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي ص??ارت ۾ ضروري شين جي قيمتن تي ڪنٽرول ۽ عام ماڻهو کي رليف پهچائڻ جي قدمن جي حوالي سان اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو.