اسلام آباد – 13 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ ترڪ صدر رجب طيب اردوان ان عزم کي ورجايو آهي ته پاڪس??ان ۽ ترڪيءَ هڪ ٻئي جي بنيادي قومي مفادن جي معاملن تي گڏيل تعاون جاري رکندا، هنن پاڪس??ان ۽ ترڪيءَ جي وچ ۾ لاڳاپن جي تمام گهڻين صلاحيتن کي مڪمل طور تي سمجهڻ ۽ انهن کي هڪ مضبوط ۽ متحرڪ واپاري ۽ معاشي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ جي ??هم??ت تي پڻ زور ڏنو، ٻنهي ملڪن جي صدرن ان ڳالهه تي پڻ اتفاق ڪيو ته پاڪس??ان ۽ ترڪي کي اسلام فوبيا سميت امت کي درپيش چئلينجن جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم جاري رکڻ گهرجي. ترڪي جي صدر رجب طيب اردوان ايوان صدر ۾ ص??ر ڊاڪٽر عارف علوي سان ملاقات ڪئي.