اسلام آباد – 03 مارچ (اي پي پي) سينيٽ ۾ قائد ايوان سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته اسان سڀ ان ڳالهه تي متفق آهيون ته عمران خان ايماندار شخص آهي ۽ سندس ڪو به ذاتي مفاد نه آهي ۽ نه ئي هن جي ڪنهن سان ڪا ذاتي دشمني آهي، نواز شريف پنهنجي بيماري کي پاڻ تڪراري بڻايو آهي، سندس پارٽي ۾ به بي??ين?? پيدا ٿي وئي آهي، اسان جون ڪمزوريون ضرور آهن پر حڪومت ?? ملڪ جي ڪمزور طبقن جي ڀلائي لاءِ ??يا آهيون، ان ڳالهه کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو و??ند?? ته ڪو ماڻهو پاڪستان جي جهنڊي ۽ رياست خلاف نعرو هڻي، جيڪڏهن ان کي روڪيو ويو ته گهرو ويڙهه ٿ??ند??، سڀني کي دعوت ڏيون ٿا ته پارليامينٽ ۾ اچي ڳالهائين، جيستائين ادارن ۾ سڌارا نه ايندا تيستائين ملڪ ترقي نه ڪري سگهندو، پاڪستان جلد ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ مان نڪري ا??ند??. قومي خابرو اداري (اي پي پي) جي هيڊڪوارٽر ۾ هڪ پينل انٽرويو ۾ هن چيو ته هر حڪومت جي خواهش هوندي آهي ته ان جي لاءِ ??ياسي ۽ سماجي مسئلا نه ٿين.