گلگت – 07 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ??ارف علوي چيو آهي ته حڪومت گل??ت بلتستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، گل??ت بلتستان ۾ سياحت ۽ توانائي جي شعبن ۾ ترقي جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن، صحت ۽ تعليم جي بنيادي ڍانچي جي بهتري لاءِ وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ديامير ڀ??شا ڊيم جي تعمير سان 16 هزار 500 نوڪرين جا موقعا پيدا ٿيندا ۽ گل??ت بلتستان ۾ زراعت جي شعبي کي فروغ ملندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن گلگت جي دوري دوران نگران وڏي وزير مير افضل پاران مجموعي صورتحال تي ڏني ويندڙ بريفنگ جي موقعي تي ڪيو. صدر چيو ته گل??ت بلتستان جو صوبو پاڪستان جي لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ آهي، حڪومت علائقي جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، گل??ت بلتستان ۾ سياحت ۽ توانائي جي شعبن ۾ ترقي جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن. هن چيو ته گل??ت بلتستان جي ترقي لاءِ صحت ۽ تعليم جي بنيادي ڍانچي جي بهتري لاءِ وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، گل??ت بلتستان جي ترقي لاءِ ڏورانهن علائقن تائين صحت ۽ تعليم جون سهولتون پهچائڻيون پونديون. صدر ڊاڪٽر ??ارف علوي کي ان موقعي تي ديامير ڀ??شا ڊيم تي پڻ بريفنگ ڏني وئي.