اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي پاليسين جي پٺيان سوچ جو محور غريب ۽ پٺتي پيل طبقي جي ڀلائي آ??ي، ماضي جي حڪمرانن ذاتي مفاد ۽ اشرافيه جي لاءِ پاليسيون ٺاهيون ۽ غريب طبقن کي سدائين نظرانداز ڪيو، حڪومت جي سبسڊي مان ته سڀ ماڻهو فائدو کڻن ٿا ۽ اشرافيه به فائدو کڻي ٿي پر هاڻي هڪ اهڙي حڪمت عملي ٺاهي رهيا آهيون ته سبسڊي مان رڳو غريب فائدو کڻي سگ??ي، پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت وڏن چئلينجز تي تمام گهڻي حد تائين ضابطو ??ڻي ورتو آهي هاڻي ان جو محور ماضي جي نظرانداز طبقن جي ڀلائي آ??ي، وزيراعظم باقاعدگي سان مهانگائي جو جائزو وٺڻ لاءِ صوبائي عملدارن کان بريفنگ وٺي ٿو، سنڌ ۾ صوبائي حڪومت پاران ڪڻڪ جاري نه ڪرڻ جي ڪري قيمتون سڀ کان وڌيڪ آهن، وزيراعظم سڄي ملڪ ۾ ضرورت جي شين خاص طور تي غريب عوام جي استعمال جي شين اٽو، چانور، کنڊ ۽ دالين سم??ت 17 قسم جي شين جي قيمتن کي هڪ جهڙو رکڻ جي لاءِ ميڪانزم بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آ??ي، شگر ڪ??يشن جي رپورٽ کانپوءِ کنڊ جي قيمتن ۾ اضافو حڪومت تي دٻاءُ وجهڻ جي لاءِ ڪيو ويو، حڪومت مافيا جي ڳٺ جوڙ جي دٻاءُ ۾ ڪنهن به صورت ۾ نه ايندي، ڪمند جي پيڙهائي وقت سر شروع ڪرائڻ جي لاءِ صوبائي حڪومتن جي تعاون سان نئون قانون آڻي رهيا آهيون جنهن تحت ڪريشنگ ۾ دير ڪ??دڙ شگر مل کي 50 لک رپيا ڏهاڙي ڏنڊ پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم جي صدارت ۾ مهانگائي ۽ روزاني جي شين جي قيمتن جي جائزه اجلاس کانپوءِ پي آءِ ڊي ۾ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ڪيو. هن چيو ته الله تعاليٰ جي مدد سان ڪوويڊ 19 جي صورتحال جي باوجود وڏن چئلينجز تي ڪافي حد تائين ضابطو ??ندو ويو آ??ي، هاڻي حڪومت جو ڌيان غريب عوام جي ڀلائي تي هوندو. هن چيو ته وزيراعظم جي صدارت ۾ مهانگائي ۽ روزاني جي شين جي قيمتن جي جائزه اجلاس کي 17 قسم جي روزاني جي استعمال جي مختلف ضرورت جي شين جي قيمتن جو صوبائي جائزو پيش ڪيو ويو. ا