اسلام آباد – 27 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چي?? آهي ته پاڪستان قديم ترين ثقافتن ۽ تاريخي جايون رکندڙ ملڪ طور اڄ سياحت جو عالمي ڏهاڙو ملهائي رهيو آهي، اڄ 27 سيپٽمبر ت?? سڄي دنيا سياحت جو عالمي ڏهاڙو سياحت ۽ ڳوٺاڻي ترقي جي عنوان سان ملهائي رهي آهي، وزيراعظم چي?? ته هي ڏينهن گڏيل قومن جي عالمي سياحت جي اداري جي اهتمام هيٺ گڏيل قومن جي سمورن ميبر ملڪن ۾ ملهايو وڃي ٿو، پاڪستان عالمي ڏهاڙي کي پوري جوش ۽ جذبي سان ملهائڻ جي لاءِ سد??ئين عالمي برادري جو ساٿ ڏنو آهي. سياحت جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان جاري پنهنجي ه?? پيغام ۾ هن چي?? ته هلندڙ سال ان ڏينهن جو موضوع سياحت ۽ ڳوٺاڻي ترقي چونڊيو ويو آهي. وزيراعظم چي?? ته سياحت جو شعبو ڳوٺاڻن علائقن جي معاشي ترقي جا وسيع موقعا فراهم ڪري ٿو جتي اقتصادي سرگرمين جي فروغ جي سخت ضرورت آهي.