اسلام آباد – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته چونڊن جي لاءِ قانوني سڌارن جو مقصد پوري عمل کي شفاف بڻائڻ آهي، سمورين سياسي پارٽين سان ان سلسلي ۾ ڳالهين جي لاءِ دروازا هر وقت کليل آهن، پيٽروليم مصنوعات جي کوٽ بابت انڪوائري ڪميشن جي سفارشن تي عملدرآمد جي حوالي سان قائم ڪميٽ?? جي رپورٽ ملڻ تي ذميوارن جي خلاف سخت ايڪشن کنيو ويندو، احساس پروگرام حڪومت جي سڀ کان وڏي ڪاميابي آهي، جنهن جي تائيد عالمي ا??ار?? به ڪن ٿا، ملڪ مان غربت جو خاتمو ا??ان جو مشن آهي، وزيراعظم صوبائي حڪومتن ۽ اسلام آباد انتظاميا کي هدايت ڪئي ته ڪورونا وبا جي ڏس ۾ غريب ٺيلهو هڻندڙن جي لاءِ ٺيلها بازار قائم ڪ??ڻ جو جائزو ورتو وڃي ته جيئن انهن غريب ماڻهن جو روزگار متاثر نه ٿئي. اهڙن خيالن جو ا??هار هن وفاقي ??ابينا جي اجلاس جي ص??ار?? ڪندي ڪيو.