اسلام آباد – 29 – ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا قومي احتساب بيورو ۽ آمريڪا جي فيڊرل بيورو آف انويسٽيگيشن (FBI) جي وچ ۾ مفاهمتي ياداشت تي صحيحون ڪر??، سي ڊي اي کي اسلام آباد ۾ اسپيشل ٽيڪنالاجي زون قائم ڪر?? جي لاءِ 120 ايڪڙ زمين مخصوص ڪر?? جي اجازت ڏيڻ، گلگت بلتستان ۾ ٽن سالن جي لاءِ فرنٽيئر ڪانسٽيبلري مقرر ڪر??، ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان ۾ 16 وفاقي ڊرگ انسپيڪٽرز جي مقرري ۽ انهن جو دائرو مخصوص ڪر?? ۽ جاويد غني کي فيڊرل بورڊ آف روينيو جو چيئرمين مقرر ڪر?? جي منظوري ڏئي ڇڏي، جڏهن ته پيٽروليم ڊويزن ڪابينا کي ملڪ ۾ گئس جي دستيابي جي حوالي سان بريفنگ ڏني، ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته برطانيا مان ايندڙ مسافرن جي نگراني ڪئي پئي وڃي ۽ ڪورونا ويڪس??ن جي حوالي سان حتمي فيصلو تمام جلد ڪيو ويندو. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. ڪابينا کي صحت واري خاص معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان ڪورونا وبا جي موجوده صورتحال تي بريفنگ ڏني. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته برطانيا مان ايندڙ مسافرن جي نگراني ڪئي پئي وڃي ۽ ڪورونا ويڪس??ن جي حوالي سان حتمي فيصلو تمام جلد ڪيو ويندو.