اسلام آباد – 17 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??زي?? سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ممنوعه ??نڊ??گ ۾ اسان کي ڦاسائيندڙ مخالف ڌر پاڻ اليڪشن ڪميشن ۾ ڦاسي چڪي آهي، پي ٽي آءِ پنهنجي ڪارڪنن ۽ خيرخواهن جا نالا، ايڊريس، شناختي ڪارڊ ۽ ٻين دستاويزن جي 40 هزار انٽريز تي ٻڌل تفصيل اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن، مخالف ڌر کي مشورو آهي ته اها جٿن جي پٺيان لڪڻ بدران خاموشي سان اليڪشن ڪميشن وڃي پنهنجي فارن ??نڊ??گ جا تفصيل جمع ڪرائي، پي ڊي ايم ناڪام تحريڪ تي ٿيسز لکيا ويندا ته ڇو اها تحريڪ ناڪام ٿي، پي ڊي ايم جو آخري پ??و اليڪشن ڪميشن جي سامهون احتجاج جو آهي، 19 جنوري تي اليڪشن ڪميشن آڏو احتجاج منهن جي پڪائي، عوام کي گمراهه ڪرڻ ۽ ادارن کي دٻاءُ ۾ آڻڻ جي سرگرمي آهي. هو پي آءِ ڊي ۾ ريلوي واري وفاقي پ??رلياماني سيڪريٽري فرخ حبيب سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو.