اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان عالمي بئنڪ پاران احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام جو شمار عالمي سطح جي پهرين 4 وڏن سماجي تحفظ پروگرامن ۾ ڪرڻ تي خاص معا??ن سينيٽر ڊاڪٽر ثانيه نشتر ۽ احساس ٽيم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته انهن کي اهو سنگ ميل مبارڪ هجي، اهي ان اعزاز ۽ عالمي پذيرائي جا پوري طرح حقدار هئا. اها ڳ??لهه هن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چئي. وزيراعظم عمران خان عالمي بئنڪ پاران احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام بابت رپور?? پڻ شيئر ڪئي. عالمي بئنڪ عالمي سطح تي ڪوويڊ 19 کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سماجي تحفظ پروگرامن تي ٻڌل هڪ رپورٽ جاري ڪئي آهي.