اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ماحولياتي تبديلي ۽ گلوبل وارمنگ جي خراب اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ ٻيلن ۾ اضافي جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ماحولياتي آلودگي گهٽ ڪرڻ ۽ هوا جو معيار بهتر بڻ??ئڻ جي لاءِ شهري علائقن ۾ وڻ پوکڻا پوندا، مياواڪي جهڙي وڻڪاري جي جديد ٽيڪنڪ شهرين کي صحت مند ماحول فراهم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. هو مياواڪي فا??سٽ بابت بريفنگ اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ سنڌ اينگرو ڪول مائننگ ڪمپني جي سي??ئر نائب صدر سيد ظهير مهدي مياواڪي فا??سٽ پوکڻ جي طريقيڪار ۽ ??ن جي فائدن جي باري ۾ بريفنگ ڏني.