اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) انساني حقن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر شرين مزاري چيو آهي ته فلسطين جي معاملي تي پاڪستا?? قائداڻو ڪردار ادا ڪيو آهي، ايتري طاقتور ڪم??شن جو ٺهڻ هڪ مشڪل ڪم هو، اهو ڪم??شن فلسطين جي نسل پرست اسرائيل طرفان انساني حقن جي خلاف ورزين جي آزاداڻي جاچ ڪندو ۽ انساني حقن واري ڪائونسل جنيوا جي صدر کي رپورٽ ڪندو، پاڪستان جي تجويز تي قرارداد جو اچڻ ۽ ان تي ڪم??شن جي جوڙجڪ وزيراعظم عمران خان جي حڪومت جي هڪ وڏي سفارتي ڪاميابي آهي. هو اطلاعات ۽ نشريات ??اري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهي هئي، هن چيو ته ان ڪم??شن تي سن سيٽ ڪلاز شامل ناهي يعني اهو ڪم??شن ڪ??هن محدود مدي لاءِ جوڙيو ناهي ويو ۽ اهو ڪم??شن وقتن بوقتن رپورٽ ڏيندو رهندو، هن چيو ته ڪم??شن ڏسندو ته نسل پرست اسرائيلي حڪومت والاريل فلسطين سميت اوڀر يروشلم ۾ ڇا ڇا ڪري رهيو آهي، اهو ڪم??شن اسرئيل طرفان ڪيل عالمي انساني قانون ۽ عالمي انساني حقن جي خلاف ورزين جي نشاندهي ڪندو. اهو ڪم??شن هيومن رائٽس ڪائونسل جي ميمبر ملڪن کي سفارشون ڏيندو، هن چيو ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ان ڪم??شن کي سهولتون مهيا ڪندو جڏهن ته يو اين هيومن رائٽس آفس ان کي لاجسٽڪ ۽ ٽيڪنيڪل سهولتون ڏيندو رهندو ته جيئن ڪم??شن پنهنجو ڪم جاري رکي. ڊاڪٽر شيرين مزاري چيو ته اسرائيل فلسطينين جي زمينن تي زبردستي قبضو ڪري رهيو آهي ان کي اتان کان ڪڍيو پيو وڃي، هن چيو ته اسرائيل هڪ نسل پرست حڪومت آهي جيڪا فلسطين تي قابض آهي. جن ملڪن تي قابض فوج هوندي آهي ان تي فورٿ جنيوا ڪنوينشن لاڳو هوندو آهي ج??هن تحت توهان ماڻهن کي ا??هن جي گهرن مان نٿا ڪڍي سگهو، ان جي علائقي مان نٿا ڪڍي سگهو ۽ نه ئي ا??هن کي جيلن ۾ بند ڪري سگهو ٿا، اها فورٿ جنيوا ڪنوينشن ۾ واضح آهي، هن چيو ته فلسطينن جي ڪا به فوج نه آهي اهي عام شهري آهن ج??هن ۾ ٻار به شامل آهن، اسرائيلي ملٽري ڪورٽس ۾ فلسطيني سويلين جا ٽرائل ٿي رهيا آهن.