اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) برطانيا ج?? وزيراعظم بورس جانس ماحوليات جي عالمي ڏينهن 2021ع جي ميزباني ڪرڻ تي پاڪستان کي مبارڪباد ڏيندي ??زيراعظم عمران خان جي قيادت تي ٽين بلين ٽري سونامي جهڙن منصوبن کي قدرتي ماحول جي تحفظ ۽ بحالي طرف اهم اڳڀرائي قرار ڏنو آهي. ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي ت??ريب ۾ پنهنجي وڊيو پيغام ۾ هن چيو ته قدرتي ماحول جو تحفظ سڀني جي گڏيل ذميداري آه??، هن چيو ته اڄ پوري دنيا کي ڪورونا وائرس جي وبا درپيش آهي، اها وبا دراصل ان سلوڪ جو رد عمل آهي جيڪو انسانن قدرتي ماحول سان روا رکيو آه??، هن چيوته آلودگي ۽ غير معياري طرز عمل ماحوليات کي ت??ام گهڻو نقصان پهچايو آهي، موسمياتي تبديليون ان جو نتيجو آهن ۽ اڄ پوري دنيا انهن تبديلين جي منفي اثرن جي زد ۾ آهي.