اسلام آباد – 06 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اڄ ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي)، پاڪستان ٽيلي ويزن، ريڊيو پاڪستان ۽ ڊجيٽل ميڊيا ونگ سميت رياستي ميڊيا ادارن جي ڊجيٽلائيزيشن جو افتتاح ڪندو، ان حوالي سان تقريب پاڪ چائنه سينٽر ۾ منعقد ٿيندي.
اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پاران شروع ڪيل اسٽيٽ ميڊيا ڊجيٽل ٽرانسفارميشن پراجيڪٽ ۾ ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز سان گڏوگڏ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي اشتهارن جي ڊجيٽلائيزيشن به شامل آهي. خب??ن ۽ ٻين خدمتن جي ڊجيٽلائيزيسن جي عمل سان صارفين ۽ عوام کي خب??ن تائين تيز ترين ۽ آسان پهچ حاصل ٿيندي.
اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين جي ذاتي دلچسپي ۽ خصوصي ڪوششن سان اطلاعات واري وزارت جي ڊجيٽلائيزيشن کي فروغ مليو. اهو منصوبو وزيراعظم عمران خان جي ڊجيٽل پاڪستان جي وزن جي روشني ۾ نيشنل ڊجيٽل انفارميشن پليٽ فارم (اين ڊي آءِ پي) جو حصو آهي، تقريب دوران قومي خابرو اداري ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان کي ڪوالٽي مينيجمينٽ جي پنهنجي م??يارن کي عالمي سطح سان هم آهنگ ڪرڻ تي آءِ ايس او:9001:2015 ۽ 27001:2013 سرٽيفڪيٽ به ڏنو ويندو،
انهن سرٽيفڪيٽس تحت اي پي پي حاضر دور جي گهرجن موجب روايتي ميڊيائي ذريعن کان جديد ۽ فعال ڊجيٽل ميڊيا سروس ۾ تبديل ٿيندي ۽ نون رجحانن کي نظر ۾ رکندي ڊجيٽل پليٽ فارم تي م??تند خب??ن جي فوري ۽ آسان پهچ جي اهم ذريعي جي حيثيت سان پنهنجو چٽاڀيٽي وارو ڪردار وڌيڪ موثر انداز ۾ ادا ڪريس ??هن??ي، ڊجيٽلائيزيشن منصوبي تحت اي پي پي پنهنجي صارفين ۽ عوام کي م??تلف نوعيت جي خب??ن ۽ ڊجيٽل مواد جي فراهمي سان پنهنجي دائري ڪار کي سگهه ڏئي رهي آهي،
اي پي پي جي ڊجيٽل پليٽ فارم جي ذريعي قومي، علائقائي ۽ عالمي نوعيت جي خب??ن، تصويرن، وڊيوز تائين عوام جي فوري ۽ آسان پهچ ممڪن ٿيندي ۽ صارفين پنهنجي پسند جي خب??ن ۽ سوشل ميڊيا سميت اداري جي م??تلف سروسز مان مستفيد ٿي س??هن??ا، اي پي پي خب??ن جي فوري پهچ ۽ پنهنجي ڊجيٽل آرڪائيوز کي برقرار رکڻ لاءِ جديد ترين ڪمپيوٽرز، سروسز، وڊيو ايڊٽنگ ۽ ٽرانسميشن اوزار استعمال ۾ آڻيندي.