اسلام آباد – 30 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيف سيڪريٽري?? کي حڪم ڏنو آهي ته اهي ضرورت جي بنيادي شين جي قيمتن ۾ استحڪام خاص طور تي منڊي ۽ پرچون اگهن ۾ غيرمنطقي فرق کي ختم ڪرڻ جي حوالي سان هر ممڪن انتظامي قدم?? کي يقيني بڻائين، کنڊ ۽ ڪڻڪ جي م??تق??ل جي ضرورت?? کي نظر ۾ رکندي منصوبابندي ۽ وقت سر قدم?? کي يقيني بڻايو وڃي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ضرورت جي بنيادي شين جي طلب ۽ پهچ ۽ ان جي قيمتن جي حوالي سان جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار، منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر، خوراڪ واري وزير سيد فخر ??مام، واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب، خاص معاونين ڊاڪٽر شهباز گل، ڊاڪٽر ثانيه نشتر، جمشيد اقبال چيما ۽ لاڳاپيل وزارتن جي سيڪريٽرين شرڪت ڪئي. صوبائي چيف سيڪريٽريز ۽ سينيئر آفيسر وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا. وزيراعظم کي سڄي ملڪ ۾ عام ماڻهو جي استعمال ۾ ايندڙ ضرورت جي بنيادي شين جي قيمتن جو تقابلي جائزو خاص طور تي منڊي ۽ پرچون جي اگهن جو تقابلي جائزو پيش ڪيو ويو. ملڪ ۾ کنڊ ۽ ڪڻڪ جي موجود اسٽاڪ ۽ م??تق??ل جي ضرورت?? کي پورو ڪرڻ جي حوالي سان کنيل قدمن تي پڻ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. کاڄرو تيل جي قيمتن ۾ واضح گهٽتائي آڻڻ جي حوالي سان کنيل قدمن کان پڻ اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو. پنجاب جي چيف سيڪريٽري پنجاب صوبي ۾ قيمتن جي حوالي سان کنيل انتظامي قدمن کان آگاهه ڪيو. اجلاس کي ٻ??اي?? ويو ته قيمتن جي استحڪام جي ڏس ۾ پنهنجي ذميوارين ۾ لاپرواهي ڪندڙ آفيسرن جي خلاف ڪارروائي ڪئي پئي وڃي، هيستائين 7 اسسٽنٽ ڪمشنرز، مارڪيٽ ڪميٽين جي ٻن سيڪريٽري?? کي معطل جڏهن ته ٻن ڊپٽي ڪمشنرز کي وارننگ ڏني وئي آهي. وزيراعظم کي ٻ??اي?? ويو ته کاڄرو تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي لاءِ لاڳاپيل ڌرين سان معاملا حتمي مرحلن ۾ آهن، ان جي نتيجي ۾ کاڄرو تيل جي قيمتن ۾ 10 کان 15 رپيا في ڪلو گهٽتائي جي اميد آهي. ان موقعي تي وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ضرورت جي بنيادي شين جي قيمتن سان عام ماڻهو متاثر ٿئي ٿو. هن چيو ته عام ماڻهو جو تحفظ موجوده حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم چيف سيڪريٽري?? کي حڪم ڏنو ته ضرورت جي بنيادي شين جي قيمتن ۾ استحڪام خاص طور تي منڊي ۽ پرچون ۾ غيرمنطقي فرق کي ختم ڪرڻ جي حوالي سان هر ممڪن انتظامي قدم?? کي يقيني بڻايو وڃي. وزيراعظم چيو ته رڳو انتظامي آفيسرن جي خلاف ڪارروائي ناڪافي آهي، انتظامي قدمن جا نتيجا سامهون اچڻ گهرجن ته جيئن عوام کي ريليف ملي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته کنڊ ۽ ڪڻڪ جي م??تق??ل جي ضرورت?? کي نظر ۾ رکندي منصوبابندي ۽ وقت سر قدم?? کي يقيني بڻايو وڃي.