اسلام آباد – 11 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته يورپي يونين ۽ دنيا کي افغانستان جي استحڪام جي لاءِ پ??هنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، افغانستان جي موجوده صورتحال ڪنهن الميي کان گهٽ نه آهي، افغانستان بابت اڪانومسٽ جي تازي رپورٽ پريشان ڪندڙ آهي، افغانستان ۾ 23 ملين ماڻهو خوراڪ جي ک??ٽ جو شڪار آهن، ٻار بک سبب فوت ٿي رهيا آهن، اسان دنيا کي افغانستان جي حوالي سان پنهنجي ڳڻتي کان آگاهه ڪيو آهي، افغانستان جي عوام جي مدد لاءِ پ??ري دنيا کي اڳتي اچڻ گهرجي. اها ڳالهه هن پاڪستان ۾ بلغاريه جي سفير ارينا گانچيوا سان م??اقات دوران ڳالهائيندي چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام چاهي ٿو، افغانستان ۾ استحڪام نه ٿيو ته عالمي دهشتگرد تنظيمون افغانستان ۾ پنهنجا مرڪز قائم ڪري سگهن ٿيون. هن چيو ته پاڪستان دنيا کي افغانستان جي عوام جي مدد جي اپيل ڪئي آهي. بلغاريه افغانستان جي صورتحال ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. چوڌري فواد حسدين چيو ته اسان طالبان حڪومت کي ان وقت تائين تسليم نه ڪنداسين جيستائين خطي جا ٻيا ملڪ افغان حڪومت کي تسليم نه ٿا ڪن. بلغاريه سان پاڪستان جي لاڳاپن جو ذڪر ڪندي هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل سفارتي ۽ ڀائراڻا لاڳاپا قائم آهن جن کي اسان قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا. ان م??قعي تي بلغاريه افغانستان مان غيرملڪي شهرين ۽ سفارتڪارن جي انخلا جي حوالي سان پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان جو افغان امن عمل ۾ ڪردار ساراهه جوڳو آهي، بلغاريه افغانستان ۾ امن جي ڪوششن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو.