اسلام آباد – 16 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته اڄ پوري قوم اي پي ??يس سانحي جي شهيدن کي خراج عقيدت ۽ سلام پيش ڪري رهي آهي، ان سانحي پوري د??يا کي ڌوڏي ڇڏيو هو، ??يس پي ??يس سانحي جي شهيدن جي ستين ورسي تي پنهنجي پيغام ۾ فرخ حبيب چيو ته حڪومت سميت پوري قوم ??يس پي ??يس شهيدن جي پوئينرن سان گڏ بيٺل آهي، هن چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ اي پي ??يس جي معصوم هيروز جي قربانين کي سدائين ياد رکيو ويندو. مملڪتي وزير چيو ته اي پي ??يس سانحي پوري قوم کي متحد ڪري ڇڏيو، پاڪستان جي هٿياربند فوج، سيڪيورٽي فورسز ۽ عوام دهشتگردي جي خلاف قربانيون ڏنيون. مملڪتي وزير چيو ته پاڪستان ۾ دهشتگردي، انتهاپسندي جي ڪا به گنجائش نه آهي، اسان کي پنهنجي هٿياربند فوج ۽ سيڪيورٽي فورسز تي فخر آهي، جنهن پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪري امن قائم ڪيو آهي.