اسلام آباد – 17 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته پاڪستان ۾ اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جو غير معمول?? اجلاس ٿيڻ خوش آئنده آهي، اهو پاڪستان جي ڪامياب پرڏيهي پاليسي جو مثال آهي، مئلن جي ووٽن سان گڏوگڏ ن ليگ انهن جي نالن تي جعلي اڪائونٽس به ٺا??ين??ي آهي، ميڊيا سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير چيو ته اهو پاڪستان جي لاءِ فخر جي ڳالهه آهي ته اسان جو ملڪ او آءِ سي جي غير معمول?? اجلاس جو ميزبان آهي، هن چيو ته اهو غير معمول?? اجلاس افغانستان ۾ پيدا ٿيندڙ انساني الميي جي حل ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو، فرخ حبيب چيو ته او آءِ سي جو غير معمول?? اجلاس جا مثبت نتيجا سامهون ايندا. پاڪستان ۾ 40 سالن کانپوءِ او آءِ سي جو اجلاس ٿيڻ وڃي رهيو آهي، مملڪتي وزير چيو ته او آءِ س?? اجلاس جو پاڪستان ۾ ٿيڻ اسان جي اهميت ک?? اجاگر ڪري ٿو. اجلاس ۾ سڄي دنيا جو ڌيان افغانستان تي ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي، ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، گهرو وزير شيخ رشيد احمد، و??يراعظم جو ميڊيا بابت خاص مدگار ڊاڪٽر شهباز گل به موجود هئا.