لاهور – 16 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪ??تا?? جي ڪهاڻي دنيا آڏو پيش ڪرڻ جي لاءِ اسان کي فلم، ڊرامي، موسيقي ۽ ادب کي ف??وغ ڏيڻو پوندو، ماضي ۾ انگريزي ادب کي تمام گهڻي اهميت حاصل هئي، پاڪ??تا?? ۾ انگريزي ادب گهٽ ٿي رهيو آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته اسان ادبي دنيا سان پاڻ کي ڳنڍي سگهون. اها ڳالهه هن فرز??نه عاقب جي ڪتاب جي مهورتي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. چوڌري فواد حسين چيو ته فرز??نه عاقب تمام خوبصورتي سان مختصر عرصي ۾ 16 ڪتاب لکيا، سندس ڪتابن جي اقتباسات کان ماڻهن کي آگاهه ڪرڻ جي ضرورت ??هي. فرز??نه عاقب ڪربلا تي تمام گهڻي خوبصورتي سان لکيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته انگريزي ادب کي ف??وغ ڏيڻ ۾ فرز??نه عاقب جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. هن چيو ته ماضي ۾ پاڪ??تا?? جي انهن سمورن ذريعن کي تنزلي طرف ڌڪيو ويو جن جي ذريعي پاڪ??تا?? جي ڪهاڻي دنيا آڏو پيش ڪري سگهجي پئي. چوڌري فواد حسين چيو ته پاڪ??تا?? جي هڪ خوبصورت ڪهاڻي آهي جيڪا دنيا آڏو پيش نه ڪئي وئي. اسان کي پنهنجي ڪهاڻي دنيا آڏو پيش ڪرڻ جي لاءِ فلم، ڊرامي ۽ ميوزڪ کي ف??وغ ڏيڻو پوندو. ان ڏس ۾ اطلاعات واري وزارت پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي ??هي. اسان کي ملڪ کي ائين مٿي گامزن ڪرڻو آهي جيئن اسان ادبي دنيا سان پاڻ کي ڳنڍي سگهون. هن چيو ته پي ٽي وي انگلش کي انفوٽينمينٽ ٽي وي ۾ ڪنورٽ ڪيو پيو وڃي، انگريزي ڊرامي، انگريزي ميوزڪ، فلم ۽ انگلش جي فنون لطيفه کي عوام آڏو پيش ڪري سگهبو. هن چيو ته جيڪي شاگرد شاعري ۽ ڊرامي ۾ دلچسپي رکن ٿا، اسان انهن جي ڀرپور معاونت ڪنداسين.