اسلام آباد – 05 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان آسٽريل??ا جي اڳوڻي اسپنر شين وارن جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته ??رڪ??ٽ جي دنيا ۾ آنجهاني جينيئس ليگ اسپنر جنهن ليگ اسپننگ جي آرٽ کي نئين بلندين تائين پهچايو، جي کوٽ محسوس ٿيندي. وزيراعظم چيو ته ??رڪ??ٽر شين وارن جي اوچتو لاڏاڻي سان کيس صدمو پهتو آهي. شين وارن هڪ جينيئس بائولر هو ۽ هن ليگ اسپننگ جي آرٽ کي نئين بلندين تائين پهچايو. ??رڪ??ٽ جي دنيا ۾ سندس کوٽ محسوس ٿيندي. 52 سالا شين وارن هڪ ڏينهن اڳ ٿائيلينڊ جي علائقي ڪوهه سموئي ۾ جتي هو موڪلون ملهائي رهيو هو، دل جو د??رو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو هو. آنجهاني ون ڊي مئچن ۾ 293 ۽ ٽيسٽ ??رڪ??ٽ ۾ 708 وڪيٽون حاصل ڪيون هيون جيڪي ليگ اسپننگ جي موجوده فارميٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ آهن. هن ٽيست ??رڪ??ٽ جي شروعات 1992ع ۾ ڀارت جي خلاف ڪئي هئي.