اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمر??ن خان چيو آهي ته عالمي منڊي ۾ قيمتون وڌڻ جي ??اوجود عوام کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل تي وڏي سبسڊي ڏئي رهي آهي، اهي قدم اڳ ۾ ڪنهن به حڪومت نه کنيا، موجوده سياسي صورتحال ۾ پي ٽي آءِ کي عوام جو اعتماد حاصل آهي، ميمبر پنهنجي ??ڪن ۾ عوامي رابطا تيز ڪن ۽ انهن جا مسئلا فوري حل ڪرائين. وزيراعظم عمر??ن خان سان قومي اسيمبلي ميمبرن ملاقاتون ڪيون. انهن ملاقاتن ۾ شير اڪبر خان، سليم الرحمان، ظ?? هما، چوڌري عامر سلطان چيما، ملڪ عمر اسلم خان، عثم??ن خان ترڪئي، ارباب عامر ايوب، عمر??ن خٽڪ، جاويد اقبال وڙائچ، عبدالمجيد خان نيازي ۽ نياز احمد جهڪڙ شريڪ ٿيا جڏهن ته خاص معاون ملڪ محمد عامر ڊوگر پڻ ملاقات ۾ موجود هو. ميمبرن وزيراعظم تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت عوامي ڀلائي جي لاءِ انقلابي قدم کنيا آهن، ڪ??مي??ب پاڪستان پروگرام جي ??ريعي نوجوانن، عورتن، غريب ۽ وچولي طبقي جي ماڻهن جي لاءِ بنا وياج قرض فراهم ڪيا پيا وڃن، احساس پروگرام تحت رعايت راشن، تعليمي وظيفن، ايمرجنسي ڪيش، ماءُ ۽ ٻار جي واڌويجهه، خصوصي ماڻهن جي ڪفالت، پناهگاهن ۽ عورتن جي لاءِ سينٽر ٺاهيا ويا ??هن. وزيراعظم چيو ته عالمي منڊي ۾ قيمتون وڌڻ جي ??اوجود عوام کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل تي وڏي سبسڊي ڏئي رهي آهي، هي اهي سمورا قدم آهن جيڪي اڳ ۾ ڪنهن به حڪومت نه کنيا، موجوده سياسي صورتحال ۾ پي ٽي آءِ کي عوام جو اعتماد حاصل آهي. وزيراعظم قومي اسيمبلي ميمبرن کي پنهنجي پنهنجي ??ڪن ۾ عوامي رابطا تيز ڪرڻ ۽ انهن جا مسئلا فوري حل ڪرائڻ جي ??لقين ڪئي.