اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سڄي دنيا ۾ مسلمانن کي متاثر ڪندڙ اسلامو فوبيا جي چئلينج ۽ ان خطرناڪ رجحان کي منهن ڏيڻ جي لاءِ او آءِ سي جي ميمبر ملڪن جي گڏيل قدمن جي اهميت تي زور ڏنو آهي، پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ويجها، ڀائراڻا لاڳاپا ۽ تاريخي رابطا آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ تعاون جون نيون ??اه??ن ڳولڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسل??مي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي موقعي تي سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان السعود سان ملاقات دوران ڪيو. وزيراعظم عمران خان پاڪستان سعودي عرب لاڳاپن جي خصوصي اهميت تي زور ڏنو جيڪي ويجهن ڀائراڻن لاڳاپن، تاريخي رابطن ۽ هيٺئين سطح تي تعاون تي ٻڌل آهن. آڪٽوبر 2021ع ۾ پنهنجي سعودي عرب جي دوري جو ذڪر ڪندي وزيراعظم عمران خان تازي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ۽ مختلف شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ تعاون جون نيون ??اه??ن ڳولڻ جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم اسل??مي تعاون تنظيم (او آءِ سي) کي اسل??مي دنيا جي مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ هڪ اهم پليٽ فارم طور تي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ سعودي عرب جي قائداڻي ڪردار کي سا??اه??و. اسل??مي دنيا کي درپيش مسئلن جو ذڪر ڪندي وزيراعظم ام?? کي درپيش ڪيترن ئي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. سڄي دنيا ۾ مسلمانن کي متاثر ڪندڙ اسلامو فوبيا جي چئلينج تي روشني وجهندي وزيراعظم عمران خان ان خطرناڪ رجحان کي منهن ڏيڻ جي لاءِ او آءِ سي جي ميمبر ملڪن جي گڏيل قومن جي اهميت تي زور ڏنو. ملاقات دوران مختلف علائقائي ۽ عالمي معاملن، افغانستان جي صورتحال ۽ ڀارت جي ??ير??انوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم عمران خان ڄمون ۽ ڪشمير جي منصفاڻي ڪاز جي لاءِ سعودي عرب جي مستقل حمايت تي سندس ٿورا مڃيا. سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان السعود او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي ڪامياب انعقاد تي وزيراعظم کي مبارڪباد ڏني.