اسلام آباد – 27 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي سان يورپي يونين جي سفير اندرولا ڪامينارا پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن سميت يورپي يونين سان ٻطرفي تعاون تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان، يورپي يونين سان ٻطرف?? گهڻ رخي لاڳاپن کي خاص اهميت ڏي ٿو، پاڪستان اقتصادي ترجيحن جي ڏس ۾ يورپي يونين سان اسٽر??ٽج?? حصيداري جي اڳئين مرحلي جي گڏيل منصوبن کي جلد عملي جامعو پارائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. پرڏيهي وزير پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي استحڪام ۾ پاڪستان ۾ مقرر ??ورپي يونين جي سفير اندرولا ڪامينارا جي ڪردار کي ساراهيو. يورپي يونين جي سفير اندرولا ڪامينارا ساراهه ڪرڻ تي پ??ڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جا ٿورا مڃيا.