اٽڪ – 03 – آگسٽ (اي پي پي) ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي تيارين جي حوالي سان ڊي سي آفيس اٽڪ ۾ اجلاس منعقد ٿيو. ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر جنرل اٽڪ ذوالفقار احمد اجلاس ??ي صدارت ڪئي جنهن ۾ لاڳاپيل آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ 5 آگسٽ تي ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي حوالي سان تيارين جو جائزو ورتو وي??. ان موقعي تي ٻڌايو وي?? ته ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي حوالي سان ضلعي ۽ تعلقي سطح تي تقريبون منعقد ڪيون وي??ديون. مرڪزي تقريب ضلعي ڪائونسل هال ۾ 5 آگست تي سڀاڻي صبح 9 وڳي منعقد ڪئي وي??دي جنهن ۾ سڀني طبقه فڪر جا ماڻهو شرڪت ڪندا.