لاهور – 03 – آگسٽ (اي پي پي) قائد ملت جعفريه پاڪستان علامه سيد ساجد علي نقوي چيو آهي ته والاريل ڪش??ير ۾ آئين شڪني جون ڀارتي ڪارروايون گڏيل قومن جي قراردادن جي خلاف ورزي آهن. جاري پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته طاقت ۽ ڏااڍ جي زور تي ڪنهن به قوم کي دٻائي نه ٿو سگهجي، ڀارت جو آرٽيڪل 370 جي خاتمي وارو قدم مذمت جوڳو آهي جنهن والاريل ڪش??ير جي آبادي جو تناسب آئيني دهشتگردي سان بدلائڻ جي ڪوشش ڪئي. هن چيو ته باباءِ قوم قائداعظم محمد علي ج??اح دنيا تي واضح لفظن ۾ واضح ڪري ڇڏيو هو ته ڪش??ير اسان جي شهه رڳ آهي جنهن تي ڪو ٺاهه نه ٿو ڪري سگهجي. هن ان ڳا??هه تي زور ڏنو ته ڀارت کي ڪش??ير تي قبضو ختم ڪري ڇڏڻ گهرجي ۽ ڪشميري عوام کي آزاداڻي راءِ استعمال ڪرڻ جو حق ڏيڻ گهرجي.