ملتان – 04 – آگسٽ (اي پي پي) ناليواري تعليمي ماهر ۽ دانشور پروفيسر ڊاڪٽر حميد رضا صديقي چيو آهي ت?? ڪشمير جو مسئلو هندستان جي ورڇ کان اڳ جو آهي، ڪشميري عوام ڊوگرا راڄ ۽ هندو استحصال جو شڪار رهي، انهن جي ڪوشش رهي ته پاڪستان وانگر اسان به هندن جي غلامي کان پاڻ کي آزاد ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي وي??داسين پر ائين نه ٿي سگهيو ۽ مختلف موقعن تي اتان جي ماڻهن جدوجهد جاري رکي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي حوالي سان اي پي پي سان خصوصي ڳالهه ٻولهه دوران ڪيو. ڊاڪٽر حميد رضا صديقي چيو ته پاڪستان قائم ٿيڻ جي موقعي تي هندستان انهن تي جارحيت ذريعي قبضو ڪري ورتو ۽ ننڍي کنڊ جي ورڇ جي وقت جيڪي عالمي اصول طئي ٿيا هئا انهن کي نظرانداز ڪري ڇڏيو. گڏيل قومن جي قراردادن ۽ ٻين معاملن کان اسان سڀ واقف آهيون، ڪشمير کي هڪ خصوصي صوبي جي حيثيت ڏني وئي هئي ۽ ان جي لاءِ هندستان جي آئين ۾ شقون رکيون وي??ن هيون پر 3 سال اڳ 5 آگسٽ تي ان ۾ ترميم ڪري اهي شقون ڪڍيون وي??ن ۽ ان کي باقاعده ڀارت جو حصو قرار ڏنو وي?? هو، ه??ڻي ان جو نتيجو اهو نڪتو ته اتي جيڪي خصوصي سهولتون ڏنيون وي??ن هيون اهي ختم ٿي وي??ن، غيرڪشميرين کي اتي آباد ٿيڻ جي اجازت ملي وئي، هي اهو طريقو آهي جيڪو يهودين اسرائيل ۾ استعمال ڪيو هو ۽ ان طريقي سان مسلمانن جي اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪيو وي??، هي ڏينهن ان ڳالهه جي ياد ڏياري ٿو ت?? ڪشميري ڪڏهن به پنهنجي حقن تان دستبردار نه ٿيندا ۽ آخرڪار انهن کي ڪاميابي م??ند??. اسان اخلاقي طور تي، مالي طور تي، سياسي طور تي ۽ عالمي طور تي انهن جي مدد ڪرڻ جا پابند آهيون ۽ اخلاقي طور تي اسان جي ذميواري به بڻجي ٿي ت?? ڪشميرين تي جيڪي ظلم ڪيا پيا وڃن انهن کان دنيا کي آگاهه ڪريون ۽ انهن جي جدوجهد لاءِ ڪوششون ڪريون ۽ ه??ڻي يقينن اهو وقت اچڻ وارو آهي جڏهن ڪشميري آزاد فضا ۾ ساهه کڻي سگهندا.